اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي گهرو سيڪريٽري عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چيو ته عبدالله خان سن??ل هڪ انتهائي قابل آفيسر هو، سندس ملڪ ۽ قوم جي لاءِ لازوال خدمتون آهن. هن چيو ته عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي سان سول سروس کي ناقابل تلافي نقصان په??و آهي. هن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ