اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين علائقائي امن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وا??ار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي مٽاسٽا، عوامي رابطن ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. اهو ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل عوامي جمهوريه چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير چن گيانگ جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چين جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪ چين لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام تفهيم ۽ خيرسگالي تي ٻڌل آهن ۽ ٻئي ملڪ بنيادي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جو گڏيل تعاون علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائي جي روشني ۾ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ گوادر بندرگاهه کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اهو علائقائي وا??ار ۽ رابطن کي وڌائڻ کانسواءِ ٻطرفي وا??ار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڪارڪنن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي دره خنجراب جي ٻيهر کلڻ سان سنڪيانگ ۽ گوادر جي وچ ۾ شين جي چ??پر ۾ آساني ٿيندي. صدر اقتصادي ۽ وا??اري تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چيني سيڙپڪارن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ خاص طور تي پاڪستان جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر ڀارت پاران وا??اريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 سمٽ جي تقريبن جي مجوزه انعقاد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي زميني حقيقتن ۽ ڪشمير ۾ ان جي ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڀارتي ڪوشش قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان چين جي سمورن بنيادي معاملن بشمول ون چائنا پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. هن پاڪستان ۾ گذريل سال جي ٻوڏ ۽ ڪورونا دوران چين پاران فراهم ڪيل تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير چن گيانگ چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي سدا بهار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ”جبل وا??گر مضبوط“ آهي. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ چين کي اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي چ??لينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تزويراتي اهميت جي منصوبن تي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ پاڪستان جي ??دد ڪرڻ چين جي ترجيح آهي. هن چيو ته چين پاڪستاني شاگردن کي چيني تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. هن صدر جا ڪورونا دوران چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ مارچ 2020ع ۾ چين جو دورو ڪرڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ چين پاران علائقائي امن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ