اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملاقات کان پهرين تاجڪ صدر کي ??اڪستان جي هٿيار بند فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويندو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون. ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ ياداشتن تي صحيون به ٿينديون. معاهدن تي صحيحن جي تقريب پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏکاري ويندي. بع?? ۾ ٻئي اڳ??اڻ گڏيل پريس ٽاڪ به ڪندا. وزيراعظم تاجڪ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria