اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان اچڻ نه رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ پر پاڪستاني ناظرين، شوقينن ۽ ع??ام جي لاءِ مثبت سرگرمي جو سبب بڻي آهي. برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه اعزاز جوڳي آهي ته 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز جي لاءِ ان??لش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان آئي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ ضروري آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان اينديون رهن. مريم اورنگزيب چيو ته ٽيسٽ سيريز ڪرڪيٽ جي اصل روح آهي، ڪرڪيٽ تي سياست ناهي ٿيندي، پاڪستان ۽ ان??لينڊ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر، پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم آفيس جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. هن ان??لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري تي پاڪستاني ع??ام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان??لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان نو??وانن ۾ مثبت سرگرمي ڏسي سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ف??فا ورلڊ ڪپ جا مئچز به ٿي رهيا آهن، پاڪستان جا نو??وان مثبت سرگرمين ۾ مشغول آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس به ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽيسٽ سيريز جي بحالي ۽ ان??لش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان پاڪستان جا نو??وان ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ٽيسٽ سيريز سان ٻين عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جو به ڪرڪيٽ تي اعتماد وڌندو. هن چيو ??ه ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جو هر ماڻهو ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان??لينڊ جون بهترين ڪرڪيٽ ٽيمون آهن، تازو ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻنهي ٽيمن فائنل کيڏيو. هن چيو ??ه ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو. اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيسٽ سيريز پاڪستان جي ع??ام لاءِ باڪمال تفريح جا موقعا ثابت ٿيندي.
ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável