گڏيل قومون- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) گرميءَ جي ??ديد لهرن سبب آفريقا جي ??امونڊي خطي، ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪ??هه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شديد موسم غريب ملڪن کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿي. اها ڳالهه ريڊ ڪراس ۽ گڏيل قومن جي ??نساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) طرفان گڏيل طور تي شايع ڪيل دستاويز ۾ ٻُڌائي وئي آهي. دستاويز مطابق وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ انساني تباهيءَ کي جنم ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ شديد گرميءَ جون لهرون ايندڙ ڏهاڪن ۾ دنيا جي ڪ??هه علائقن کي عملي طور تي ناقابل رهائش بڻائي سگهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ شديد گرميءَ جون لهرون خطرناڪ شرح سان وڌي رهيون آهن، ان جي ??ثرن ۾ وڏي پيماني تي آفتون، قيمتي جانين جو نقصان، آباديءَ جي لڏپلاڻ ۽ عدم مساوات ۾ اضافو شامل آهي. ان حوالي سان وڌيڪ آباديءَ وارا شهر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ علائقن ۾ شامل آهن، گڏيل قومن 2050ع جي ڏهاڪي تائين شديد گرميءَ جي ??التن ۾ رهندڙ شهري غريب ماڻهن جي ??نگ ۾ 700 سيڪڙو اضافي جو ڪاٿو لڳايو آهي. دستاويز مطابق سخت گرميءَ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ فوتگين جي ??رح حيران ڪندڙ حد تائين وڌي سگهي ٿي جيڪا صديءَ جي ??خر تائين ڪينسر يا ڪيترن ئي ٻين بيمارين سان ٿيندڙ مجموعي فوتگين کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. اٽڪل گرمي پد ۾ اضافي ۽ وري وري گرمي جي لهرن سان زراعت ۽ چوپائي مال جي نظام کي نقصان، قدرتي وسيلن ??ي تباهي، بنيادي ڍانچي کي نقصان ۽ لڏپلاڻ ۾ اضافي جو به انديشو آهي، ان سان گڏوگڏ شديد گرم موسم سبب سڄي دنيا ۾ 2030ع تائين معاشي نقصان 24 کرب ڊالرن کان وڌي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي ??نگن اکرن مطابق شديد گرميءَ جون لهرون 2003ع ۾ يورپ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ فوتگين ۽ 2010ع ۾ روس ۾ 55 هزار کان وڌيڪ فوتگين جو سبب بڻجي چڪيون آهن. دستاويز مطابق ان حوالي سان بدترين نتيجن کان بچڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدمن جي ??رورت آهي، جن جو مقصد ماحولياتي تبديلين جي ??فتار سست ڪرڻ ۽ ان کي روڪڻ، شديد گرميءَ جي لهر بابت وقت سر ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ گرمي کي گهٽ ڪندڙ رهائشي منصوبن ۾ سيڙپڪاري سرفهرست هجڻ گهرجي.
گرميءَ جي شديد لهرن سبب ڪجهه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي: گڏيل قومن جي ادارن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : loteria estadual