اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن ۽ ڊپٽي چيئرمين ??ين ??يف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ??يف آر سي سي ميجر ??نرل ظفر اقبال، چيئرمين ??ين ڊي ايم ليفٽيننٽ جنرل اخترنواز، وفاقي وزير نيشنل ??وڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طارق بشير چيما، صوبائي سيڪريٽري زراعت سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ربيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي رٿابندي ۽ آبادگارن کي رليف پهچائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو، متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج جي ورڇ جي مڪينزم ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان قدمن جو جائزو به ورتو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته متاثر علائقن ۾ ٻجن جي ورڇ جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. فو??م کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوک جي لائق ايراضي جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. بوڏ جي صورتحال کي پوکي جي حوالي سان موقعن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان جي اختيارين ٻڌايو ته ٻجن لاءِ آبادگارن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. فو??م چيو ته جن علائقن ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو ته ڪڻڪ پوکي ويندي، جڏهن ته 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ته اتي تيلي ٻج پوکيا ويندا. پاڻيءَ هيٺ آيل ايراضيءَ کي پوک جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪوالٽيٽو جائزو ورتو ويندو ته جيئن امدادي سرگرمين ??ي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اقبال چيو ته صوبن جي ضرورت جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. نيشنل ??وڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير فو??م کي ٻُڌايو ته ٻج ججهي مقدار ۾ موجود آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جتي ضرورت ٿي ٻج فراهم ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ فو??ي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. فو??م هدايت ڏني ته صوبا 10 آڪٽوبر تائين پوک جي قابل ايراضي ۽ ٻج جي ضرورتن کان آگاهه ڪن.
جن علائقن ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي وڃي ڪڻڪ جي پوکي ڪئي وڃي، جتان پاڻي نيڪال نه ٿئي اتي ڪڻڪ بدران تيلي ٻج لڳايا ويا، صوبا 10 آڪٽوبر تائين ايراضي جوڳي رقبي ۽ ٻج جي ضرورت کان آگاهه ڪن: اين ايف آر سي سي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے