اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ??ور?? ڪندو، اهو ??ور?? پاڪستان جي روايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ??ور?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ??ور?? دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستان جي ??فا??تي لاڳاپن جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جار?? ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.
وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس