اسلام ??با?? – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي بابت ٽاسڪ فورس غذا ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچاءُ ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي کي نظ?? ۾ ??کندي ماهرن ??ي ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، جيڪا شسپر گليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ موثر قدم، پاڻي جي بچاءُ ۽ موجوده ذخيرن ??ي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي، هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن ??ي ور چڙهيل ملڪن ۾ 5 نمبر تي آهي، پاڻي جي کوٽ جا خطرن ??و سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي آهي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڻي جي بچاءُ ۽ ان جي زيان کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو انفرادي ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil