اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ته مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون لنڊن ۾ شريف في??لي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ ??چڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺ??هي وئ??، هن چيو ته پاناما انڪشاف ??چڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ في??لي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ن??هي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ته هي آهن ??هي ذريعا حضور جنهن سان لنڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.
نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين رسيدون پيش ناهن ڪري سگهيا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ