اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ ح??يب ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي 56 هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي سيپٽمبر جنگ دوران جنگ جي ميدان ۾ جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکندڙ هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته عزيز ڀٽي پنهنجي ڪمپني سان گڏ 6 ڏينهن ۽ راتيون لڳاتار دشمن کي نه رڳو روڪي رکيو پر بدترين شڪست به ڏني، بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي سڀ کان وڏي فوجي اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. سندس چوڻ هو ته قوم پاڪ زمين جي ان عظيم فرزند کي سلام پيش ڪري ??ي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا