اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي سان عراق جي دفاع واري وزير جمعه ان??د سعدون جي قيادت ۾ دفاعي وفد ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صدر ??يو ته پاڪستان عراق سان پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان، واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي پاڪستان جي دفاعي ت??بي??ي ادارن ۾ عراقي فوجي اهلڪارن جي لاءِ ت??بي??ي ڪورسز جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پاران ٽيڪنيڪي امداد ۽ انساني وسيلن جي مدد سان عراق ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ مدد جي به آڇ ڪئي وئي.
صدر سان عراق جي دفاع واري وزير جي قيادت ۾ دفاعي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری