اسلام آباد – 04 جنو??ي (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سموريون پارلياماني پارٽيون قومي ۽ سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن، اسان چاهيون ٿا ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سان ملڪ جو وقار مجروح نه ٿئي ۽ ڳالهين جو عمل به جاري رهي، ان جي لاءِ قومي ??لامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ دفاعي ادارن کي گهرائي متفقه بيانو جوڙيو ويندو. پارليامينٽ جي قومي ??لامتي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، دفاع واري وزير خرم دستگير خان، موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير سينيٽر مشاهد الله خان، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني، وزيراعظم جو خصوصي مددگار بئريسٽر ظفر الله، ??ومي ??سيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، ??ومي ??لامتي واري صلاحڪار جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سموريون پارلياماني پارٽيون قومي سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔