اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت پار??ن مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪر چيو ته اسلام آباد مان روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت جي مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلام آباد مان روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری