اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملا??ات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ايوي ايشن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وزير سمورن حل ??لب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي ع??م جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اج??گر ڪيو. ان کانسواءِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪومت جي ع??م جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان ملا??ات ڪئي، دفاع واري وزير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي اهميت کي اج??گر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ان معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري ر??ڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو.
وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado