اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته نئين شروعات لاءِ ماضيءَ جي روين ۽ واقعن تي افسوس جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي، هائوس ڪميٽي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي خدشن جي ازالي ۽ بيانيي لاءِ ناهي پر ايوان جي تقدس ۽ هائوس جو بيانيو مضبوط بڻائڻ لاءِٺاهي وئي ??هي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو زداري جي سُٺي تجويز تي اسپيڪر ڪميٽي جوڙي آهي، اها ڪميٽي ان لاءِ ٺاهي وئي ??هي ته هائوس کي مناسب طريقي سان هلائي ??گهجي ۽ ان جي تقدس کي برقرار رکيو وڃي پر ڪالهه ڪميٽيءَ جي ڪارروائي ??روع ٿي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اه?? پي ٽي آءِ جي خدشن لاءِ بڻائي وئي ??هي. وفاقي وزير چيو ته ٻه ڏينهن پهرين ٿيل واقعي تي سڀني احتجاج ڪيو ۽ پي ٽي آءِ سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، ڪنهن پارليامينٽ تي حملي جي حمايت ??ه ڪئي پر هتي اتفاق راءِ کان پوءِ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان سان اهي روح متاثر ٿيا جنهن لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. وفاقي وزير چيو ته هنن ڪالهه ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ به احتجاج ڪيو، مان ان ڪميٽيءَ جو ميمبر نٿو بڻجڻ چاه??ان?? مان پنهنجي پارٽيءَ کي چيو آهي ته ڪنهن ٻئي کي ميمبر بڻايو وڃي، اها ڪميٽي پنهنجو بيانيو نه پر هائوس جي بيانيي ۽ هائوس جي تقدس لاءِ بڻائي وئي ??هي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن پارليامينٽ لاجز مان ايم اين ايز کنڀيا ويا هئا ته ڇا ڪنهن اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اسان جي آواز سان آواز ملايو، جڏهن نواز شريف جي گهر واري فوت ٿي وئي ??ه آخري وقت ۾ درخواستن باوجود سندس گهر واري سان ڳالهه ٻولهه ??ه ڪرائي وئي، ان وقت ايتري نفرت هئي ??و کين ڳالهه ٻولهه جي به اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته گنڊاپور هڪ ڌيءُ ۽ ماءُ لاءِ جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن ڇا ڪنهن ان جي مذمت ڪئي ??هي. هن چيو ته پي ڊي ايم سميت هاڻ تائين ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن ڇا اسان نيب کي ڪنهن خلاف استعمال ڪيو آهي، ماضيءَ ۾ جهڙيءَ طرح نيب کي استعمال ڪيو ويو ڇا ڪنهن ان جي مذمت ڪئي، مخالف ڌر وارا احتجاج ضرور ڪن پر ماضيءَ تي به نظر وِجهن ته ان وقت ڇا ٿيندو رهيو. هن چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين هن هائوس جي اڱڻ تي قبضو ٿيو هو، پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ٿيو هو، ان کي ماضيءَ ۾ نظر وِجهڻ گهرجي ته سندن ماضي ڪهڙو رهيو آهي، جيڪڏهن نئين روايتن کي جنم ڏيڻو آهي ته ماضيءَ جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي. خواجه محمد آصف چيو ته عدم اعتماد کان اڳ 20 منٽن ۾ 22 بل پاس ٿيا ۽ بعد ۾ اسيمبلي ختم ڪئي وئي، هاڻ اسان کي قانون ۽ قاعدو سيکاريو پيو وڃي، اهو طريقو سُٺي شروعات جو ناهي، سياست ۾ سُٺين روايتن کي قائم ڪرڻ گهرجي. بچاءَ واري وزير چيو ته ماضيءَ ۾ اقتدار بچائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ايوان کي يرغمال رکيو ويو هو، منهنجي درخواست آهي ته ماضيءَ کي ڊليٽ ڪرڻو آهي ته معذرت ڪري وٺو، اسان اپوزيشن ميمبرن جي گرفتارين تي تنقيد ڪئي ??هي پر ان جي دؤر ۾ اسان کي ته اسپيڪر تائين به رسائي نه هئي.
نئين شروعات لاءِ ماضيءَ جي روين ۽ واقعن تي افسوس جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي: خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ