اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پ??ڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئ?? آهي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آمريڪا سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فن?? ۾ ??رعي يونيورسٽي لاءِ آمريڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمريڪا سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعب?? ۾ ??عاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏجي غذائي کوٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان زرعي شعب?? ۾ ??عاون وڌايو ويندو، آمريڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج