اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن س??ل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد م??ثر (چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پي?? ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ گهربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏ??ا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا. هنن جعل??از?? ڪري سرڪاري ناڻي کي 124 ملين رپين جو نقصان پهچايو. جوابدارن کان سرڪاري رقم رڪور ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک