شينزن – 05 – جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان سن واڪ گروپ جي وفد شينزن، چين ۾ ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ ڊيجيٽلائي??يش??، ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۽ فائبرائ??يش?? جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. سن واڪ وفد آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي گروپ جي پاڪستان ۾ نيشنل آپٽيڪل فائبر پراجيڪٽ جنهن جي شروعات 2021ع ۾ ٿي، تي بريف ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران جاري بيان موجب آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سن واڪ گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان مستقبل جي منصوبابندي کي ساراهيو. شزه فاطمه خواجه چيو ته ڊيجيٽلائي??يش?? جي ل??ءِ آپٽيڪل فائبر ڪيبل نيٽ ورڪ تمام اهم آهي، موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ معياري ٽيلي ڪام سروسز جي فراهمي جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن سن واڪ گروپ کي ان جي مستقبل جي قدمن ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻئي طرف ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني زيڊ ٽي اي جي ٽيم آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشنز ٽيڪنالاجي سلوشنز، انوويشن ۽ ڪنيڪٽيويٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. پاڪستان ۾ ڊيوائس مينوفيڪچرنگ فيڪٽري، ف??ئبرائ??يش?? فيڪٽري ۽ ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.
آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان سن واڪ گروپ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون