اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي پارٽ??ن تي پابندين جي نئين دور جي سخت لفظن ۾ مذمت ??ند?? ڪالعدم ڪشميري پارٽ??ن تان پابنديون هٽائڻ ۽ محمد ياسين ملڪ سميت سمورن سياسي قيدي?? کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير پيپلز فريڊم ليگ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير پيپلز ليگ جي چار ڌڙن تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان محمد ياسين ملڪ جي قيادت ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ تي پابندي کي وڌيڪ 5 سال تائين وڌائڻ جي فيصلي جي پڻ مذمت ڪري ٿو. تازي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مجموعي طور تي 14 ڪشميري سياسي پا??ٽي?? کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن پا??ٽي?? سان لاڳاپيل ڪ??رڪ???? کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته محمد ياسين ملڪ جي لاءِ موت جي سزا جي درخواست ڪئي وئي آهي جنه?? کي 2022ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا جابراڻا حربا ڪشميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي خواهش?? کي دٻائي نه ٿا سگهن جنهن جو حق انه?? کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي. بيان موجب والاريل ڄمون ۽ ڪسمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڀارت جي جاري مهم عالمي انساني حقن ۽ انساني قانون سان گڏوگڏ جمهوري اصولن جي پڻ خلاف ورزي آهي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها ڪالعدم ڪشميري پارٽ??ن تان پابندي هٽائي ۽ محمد ياسين ملڪ سميت سمورن سياسي قيدي?? کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندين جي نئين دور جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس