اسلام آباد- 31 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ علائقائي سلامتي سميت گڏيل اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. معززن ملاقات دوران سمورن شعبن ۾ آپريشن تربيت ل??ءِ موجوده فريم ورڪ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ جديد سيڪيورٽي چئلينجن جي روشنيءَ ۾ عسڪري تيارين ۽ گڏيل سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضائيه جي ”نيڪسٽ جنريشن ايئرفورس“ بنائڻ ل??ءِ پنهنجي ويزن کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه کي جديد تقاضائن موجب بڻائڻ ل??ءِ خاص طور تي خود انصاري کي هٿي، نيش ٽيڪنالاجيز جي حاصلات ۽ تربيتي شعبي جي سڌارن جا منصوبا شامل آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي ايئر چيف پاڪ فضائيه طرفان چين سان انساني وسيلن ۽ فني شعبن سميت هوابازي جي صنعت ۾ موجوده تعاون کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن ۽ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪ چين بي مثالي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪا علائقائي امن، سلامتي ۽ است??ڪا?? بابت سمورن اهم معاملن ۾ هم آهنگي تي ٻَڌل آهي. معزز مهمان علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ خطي ۾ طاقت جي توازن کي يقيني بنائڻ ل??ءِ پاڪ فضائيه جي قيادت جي عزم ۽ ان مقصد ل??ءِ سندس طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. معززن سائبر، اسپيس ۽ اليڪٽرانڪ وار فيئر جهڙن شعبن ۾ جديد ترين نيش ٽيڪنالاجي جي شموليت تي ڌيان ڏيندي پاڪستان ۽ چين جي فضائي فوج وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هن گڏيل ۽ گهڻ ملڪي آپريشنل فضائي مشقن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ب?? اظهار ڪيو جنهن جي رٿڻ سان خطي ۾ نَون اُڀرندڙن خطرن کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ مربوط جوابي ڪاررواين جي تقويت ڏئي سگهي. چيني سفير ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه وچ ۾ اها ملاقات ٻنهي ملڪن طرفان گڏيل اتفاق ر??ءِ ۽ فوجي تعاون ذريعي پنهنجي اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو کُليل ثبوت آهي.
پاڪ فضائيه جي سربراهه سان چين جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria