اسلام آب??د – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آب??د کان بيجنگ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابي سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور ت??اون جو ورجاءُ ڪند??. ن??ران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي ”اوپن ??المي معيشت ۾ رابطا) جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪند??. ن??ران وزيراعظم چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ٻطرفي ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ ش??يڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪند??. ن??ران وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ نگران وزيراعظم اورمچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آباد کان بيجنگ روانو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ