استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ??ي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪ??ل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم ا??ڙن خيالن جو اظهار استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪ ياتريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز ??ي وفدن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي اي اوز ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه ??ي واپارين کي پاڪستان حڪومت جي مڪ??ل تعاون جي خاطري ڪرائي. ترڪ واپارين وزيراعظم جي ان قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
ترڪيه جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری