اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو ??هي ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو ??هي ۽ اهو ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جان اي روم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به موجود هو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان جي مسلسل مدد جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ??ه 1950 کان وٺي هن وقت تائين عالمي بئنڪ پاڪستان کي 31.1 ارب ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ??ه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو ??هي ۽ هي ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي ساراهيو ۽ چيو ??ه پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ??ه هن وقت عالمي بئنڪ بنيادي ڍانچي، زراعت، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، انساني سرمائي، سماجي خدمتن ۽ پائيدار واڌ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهيو ??هي. عالمي بئنڪ جي علائقائي ڊائريڪٽ?? اقتصادي معاملن واري وزارت جي موثر ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي مستقبل جي من??وب?? سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي من??وب?? جو جائزو ورتو ويو. هن انهن من??وب?? تي تيزي سان عملدرآمد لاءِ رابطاڪاري کي موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ??ه ان ڏس ۾ ا??تصادي معاملن واري وزارت پنهنجي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو ??هي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اقتصادي معاملن واري وزارت صرف معاهدن تي صحيحون نه ڪري پر انهن معاهدن تي تيزي سان عملدرآمد کي به يقيني بڻائي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته من??وب?? جي موثر نگراني ٿئي ۽ فنڊن جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ??ه غير ملڪي مدد سان هلندڙ من??وب?? جي نگراني لاءِ رابطاڪاري جي ڏس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ ا??دو ويو ??هي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ??ه دير جو شڪار من??وب?? تي تيزي سان اڳڀرائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ??ه ان مقصد لاءِ وزارت ۾ طريقيڪار جوڙي ورتو آهي. سيڪريٽري ٻڌايو ??ه من??وب?? تي تيزي سان عملدرآمد جي حوالي سان اقتصادي معاملن واري وزارت جي ٽيم عالمي بئنڪ جي ٽيم سان موثر رابطي ۾ آهي.
سردار اياز صادق سان عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جي ملاقات، تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس