اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ ??وا??ده ٿيڻو پوندو، نئين دهل?? جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه ??مل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورز?? جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اسان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي آهي، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر ??وا?? ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد ??مل ڏنو، هن چيو ته هندستان جي حرڪت افسوسناڪ آهي، عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آه?? ايو?? ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سعود?? ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي سگهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ ??وا??ده ٿيڻو پوندو، هندستان جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه ??مل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀن?? جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگرد?? جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي برادر?? جي سامهون رکيا، اسان ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا حامي نه آهيون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دفاعي حدن جون خلاف ورزيون سڀن?? جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اسان ج?? حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.
عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن