اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احتجاج ۾ پن??نجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا، اڄ حڪومت جن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار آهي ان جي ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آهي، انهن ٻنهي پارٽي?? ملڪي وسيلن کي بيدردي سان ڦريو ۽ پن??نجا اثاثا ٺاهيندا رهيا، ملڪي مفاد جي بيانيي کي ترويج ڏيڻ لاءِ ٻين شعبن وانگر ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي، حڪومت مهانگائي تي ضآبطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهي آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ دير بالا ??ريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دير بالا ??ريس ڪلب جي عهديدارن جا ٿورا مڃان ٿو جو اهي اسلام آباد آيا آهن، دير بالا ??ريس ڪلب جو نيشنل پريس ڪلب سان ويجهو رابطو ??ٺي ڳالهه آهي، جنهن سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون، هن دير بالا ??ريس ڪلب جي عهديدارن کي خاطري ڪرائي ته جلد دير بالا ??ريس ڪلب جو دورو ڪندس، هن چيو ته صحافي پن??نجي مقامي، علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي بيانيد کي ترويج ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اڪثر اجلاسن ۾ سرڪاري ملازمن جو ذڪر ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي، ان س??سلي ۾ اعليٰ سطحي ڪابينا ڪميٽي به قائم آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد، حفيظ شيخ شامل آهن، اها ڪميٽي ملازمن سان ڳالهائي رهي آهي، احتجاج ڪندڙ مطئمن ٿي ويندا. هن چيو ته اڄ جي مسئلن جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جي نااهلي ۽ منصوبابندي جي کوٽ آهي.
پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احتجاج ۾ پنهنجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس