اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ ن??ريات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي لفظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمي?? سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ ن??ريات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ ن??ريات واري وزارت جي ذيلي ادارن جا عملدار به موجود هئا.
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری