اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز شريف چيو آهي ته وز??راعظم نواز شريف جي خلاف سازش ڪئي ويندي ته هو اڳ کان وڌيڪ طاقت سان واپس ايندو، سازشون ڪندڙ نه مڙيا ته نواز شريف چوٿون ۽ پنجون ڀيرو به وز??راعظم بڻجندو، نواز شريف کي روڪي سگهو ٿا ته روڪي وٺو نه ته پاڪستان مان دهشتگردي جو خاتمو ٿي ويندو، لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو، رستن جو ڄار وڇي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاناما پيپرز ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم ۾ پيشي کانپوءِ جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم جي ٻنهي پٽن حسين ۽ حسن نواز سميت اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania