عمان -17 اپريل (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله (ٻه) چيو آهي، ته انهن جو مل?? ڪنهن به صورت ۾ علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو. ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه عبدالله مل??ي سالميت ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن معاملن کي تر??يح ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اردن جو مقصد اسرائيل جي دف??ع ڪرڻ بدران پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ڪرڻ آهي. سندس اهو بيان اسرائيل تي فائر ڪيل ايراني ميزائيلن کي اردن پاران رستي ۾ تباهه ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. هوڏانهن برلن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي ج??من هم منصب سان ڳالهائيندي اردن جي ??رڏيهي وزير ايمن صفادي چيو ته ايران پنهنجي حملي کي اسرائيل پاران ان جي ??ونصليٽ تي حملي جو جواب قرار ڏنو آهي، ۽ چيو آهي، ته هو ان معاملي کي اڳيان وڌائڻ نه ٿا چاهين. اسان موجوده اشوز کي اڳيان وڌائڻ جي خلاف آهيون.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايران سان تڪرار چاهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي اسرائيلي وزيراعظم کي ايران سان ٽڪراءَ کي روڪڻ گهرجي.
اردن علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو: شاهه عبدالله (ٻه)
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز