رياض -27 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي انصاف واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، ته خلع جي درخواست جي طريقيڪار ک?? قانوني طريقي سان دستاويزن ذريعي ثبوت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن مڙس راضي هجي ته عدالتي حڪم جي ضرورت نه آهي. سعودي ميڊيا رپورٽن موجب اه?? طريقيڪار ذاتي حيثيت وار?? قانون جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته خلع ڌرين جي گ??يل رضامندي سان جائز آهي، جنهن لاءِ عدالتي فيصلي جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن مڙس راضي نه هوندو ته درخواست ذريعي عدالت سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. انصاف واري وزارت موجب 2024ع جي پهرين ٽه ماهي دوران عدالتن ۾ 36000 کان وڌيڪ خلع ۽ طلاق جا ڪيس داخل ٿيا جن مان وڌيڪ ڪيس مڪي جي عدالتن ۾ داخل ٿيا.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje