واشنگٽن – 16 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان آمريڪي تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي انگ ?? اضافي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي اميد ڏيکاري آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ ج?? لاءِ جاري ڪوششن تحت موجوده تعداد کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪيو ويندو. پاڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان موجب مسعود خان چيو ته مختلف آمريڪي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڌندڙ انگ نه رڳو تعليمي شعبي ۾ ويجهي سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو بلڪه مستقبل ۾ مضبوط ٻطرفن ناتن جي ضمانت به آهي. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ ?? رياضي (ا??س ٽي اي ايم) جي مضمونن ۾ وڌ ک??ن وڌ موقعا فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن هو انهن مضمونن ۾ آمريڪي مهارت ?? علم مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون