بيروت-28 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گادي وا??ي شهر بيروت ۾ درجنين فلسطيني پناهگيرن هالينڊ جي سفارتخاني سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ فلسطيني اڳواڻ امين ابو راشد جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو تقريبن 3 مهينن کان هالينڊ ۾ حراست هيٺ آهي. مظاهرين لبنان ۾ ڊچ سفير کي ابو راشد جي امداد مان فائدو کڻندڙ خاندانن طرفان هڪ يادداشت پيش ڪئي جنهن ۾ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. ڊچ سيڪيورٽي عملدارن گذريل جون ۾ ابو راشد کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان تي سلامي تحريڪ مزاحمت حماس سان جڙيل تنظيمن کي رقم موڪلڻ جو الزام لڳايو ويو هو، ڊچ عملدارن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي م??د سان حماس کي 5.5 ملين يورو منت??ل ڪيا، جنهن کي ڪيس جي ٻڌڻي تائين آزاد ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊچ عملدارن ابو راشد کي بنا ??نه?? ڪيس جي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ رکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش