اسلام آب??د ?? پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر پارٽين کي دعوت ڏني آهي ته اهي چونڊ سڌارن جي لاءِ اسان سان گڏجي ويهن، ق??مي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ جي باوجود سموريون پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، چونڊن جي ساک رڳو ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٻڌل آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اين اي 249 ۾ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ هجڻ جي باوجود سموريون سياسي پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، ائين ئي ڊسڪا ۽ سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ به ٿيو، بدقسمتي سان 1970ع کانپوءِ پاڪستان ۾ هر چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا جنهن سان چونڊ نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا ويا.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن