اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لاءِ 6 ن??اطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسر??دڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آر ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي?? افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي س??بر??هن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم لاءِ 6 نقاطي پروگرام پيش
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم