بيجنگ-13 سيپٽمبر (اي پي پي)چين چيو آهي ته غزه ۽ يوڪرين جنگين جو واحد حل ڳالهيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي دفاع واري وزير ڊونگ جون جمعي ڏينهن بيجنگ ۾ شيانگ شان فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته هاٽ اسپاٽ مسئلن جهڙوڪ يوڪرين بحران ۽ اسرائيل – فلسطين تڪرارن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو امن ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ آهي. هن فوجي عملدارن جي عالمي اجتماع دوران سمورن ملڪن تي زور ڀري?? ته هو پرامن ترقي ۽ جامع طرز حڪمراني کي هٿي ڏين. هن چي?? ته نئين ٽيڪنالاجيز انسان ذات کي بهتر فائدو پهچائي سگهي ٿي. شيانگ شان فورم لاءِ ڪالهه ??وين نمائندا بيجنگ ۾ موجود هئا، فورم ٽن ڏينهن ۾ 90 کان وڌيڪ ملڪن ۽ تنظيمن جي 500 کان وڌيڪ نمائندن جي ميزباني ڪندو. فورم دوران روس، پاڪستان، سنگاپور، ايران، جرمني ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ فوجي نمائندا گول ميز مباحثن ۾ شرڪت ڪن??ا. ??حث جي موضوعن ۾ آمريڪا – چين لاڳاپا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سيڪيورٽي ۽ گهڻ قطبي دنيا ۾ دفاع جا چئلينج شامل هوندا. فورم ۾ آمريڪا دفاع واري وزير جو نائب مددگار مائيڪل چيس به شرڪت ڪري رهيو آهي.
غزه ۽ يوڪرين جنگين جو واحد حل ڳالهيون آهن: چين
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم