رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي و??ير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي و??ير ۽ دفاع واري و??ير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ ??چ ۾ ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو ويو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ ٻه طرفن ناتن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏي??دي علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پرڏيهي و??ير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي هم منصب سان گڏ غزه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پرڏيهي و??ير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تح??ظ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال