واشنگٽن- 5 جون (اي پي پي)آمريڪي صدر جو بائيڊن هلندڙ هفتي يوڪ??ين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو. وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق صدر جو بائيڊن هلندڙ هفتي فرانس جي شهر نارمنڊي ۾ يوڪ??ين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو جڏهن ته اٽلي ۾ جي – 7 اجلاس ۾ روس خلاف يوڪ??ين جي جنگ تي ڳالهيون ڪندو.آمريڪي قومي سلامتي جو مشير جيڪ سليوان پئرس جي سفر دوران ميڊيا ??ي ٻڌايو ته هن هفتي نارمنڊي ۾ ٻي عالمي جنگ جي ڊي ڊي لينڊنگ جي 80 هين ورسي جي موقعي تي صدر جو بائيڊن جي سندس يوڪ??ين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات متوقع آهي. هن ٻڌايو ته صدر جو بائيڊن 13 کان 15 جون تائين اٽلي جي شهر باري ۾ جي – 07 اجلاس يوڪ??ين جي صدر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ به تيا?? آهي. جتي يوڪ??ين جي جنگي ڪوششن جي حمايت لاءِ منجمند روس جي فنڊن جي استعمال تي ڳالهيون پڻ متوقع آهن. ان کان علاوه صدر جو بائيڊن جي- 7 اجلاس جي ترت ئي سوئٽزرلينڊ جي شهر لوسرن ۾ منعقد ٿيندڙ يوڪ??ين بابت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪري رهيو.
صدر جو بائيڊن هلندڙ هفتي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو: وائيٽ هائوس
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار