ڪوئٽو – 05 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور جي حڪومت ميڪسيڪو جي صدر طرفان گذريل سال ملڪ ۾ ٿيل چونڊن ۾ تشدد جي واقعن تي ڪيل تبصرن تي ميڪسيڪو جي سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندي ??يس جلدي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. برطانوي خابرو اداري مطابق ايڪواڊور جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏين??ن ٻڌايو ت?? ميڪسيڪو جي سفير راڪيل سيرورسميڪ کي جلدي ملڪ ڇڏڻ گهرجي. گذريل اربع تي ميڪسيڪو جي صدر اينڊريس مينوئل لوپيز اوبراڊور ايڪواڊور جي صدارتي اميدوار فرنينڊو لاسينسيو جي گذريل سال ٿيل قتل تي تبصرو ڪندي ان جي ڀيٽ ميڪسيڪو جي موجوده چونڊن جي سيزن دوران تازي تشدد سان ڪئي. ايڪواڊور جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن پنهنجي ب??ان ۾ چيو ته قوم ولاسينسيو جي قتل تي سوڳ ۾ آهي ۽ اسانجي حڪومت ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي اصول تي عمل ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب