تهران – 04 اپريل (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزير امير عبدلهيان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ توقع ظاهر ڪئي ته يورپي يونين ??ام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي تي حقيقي ۽ فوري ڪاروائي ڪندي. روسي خابرو اداري تاس ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اسان ان ڏوهه جي فيصلائتي مذمت سان گڏو گڏ ان سلسلي ۾ حقيقي ۽ فوري قدمن جي توقع ڪريون ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ ڇڪتاڻ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو جيڪ?? اسرائيل کي مدد فراهم ڪري ٿو. واضح رهي ته پهري?? اپريل تي اسرائيل ??ام جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايران جي قونصل خاني جي عمارت تي فضائي حملو ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش