رياض-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي ??زارت نيڌرلينڊ جي ??هر دي هيگ ۾ ڪيترن ئي ??فارتخانن آڏو هڪ انتهاپسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي نسخن کي شهيد ڪرڻ جي ??خت مذمت ڪئي ??هي، عرب نيوز مطابق پرڏيهي ??زارت پنهنجي ??يان ۾ سعودي عرب طرفان ان قسم جي ??ار بار ڪيل نفرت انگيز قدمن کي مڪمل طور ??ي رد ڪندي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان قسم جي قدمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته ان قسم جا قدم واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي هوا ڏئي ??هيا آهن. رواداري، اعتدال پسندي جي قدرن کي هٿي وٺائڻ ۽ انتهاپسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي سڌي ريت نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي ??زارت وڌيڪ چيو ته اهڙا قدم فردن ۽ ملڪن وچ ۾ ناتن جي ??روري گڏيل احترام کي ختم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ هاڻوڪن مهينن دوران عوامي سطح تي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. قرآن پاڪ جي ??ي حرمتي تي مسلمان ملڪن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي.
دي هيگ ۾ سفارتخانن ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سعودي عرب طرفان سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا