گڏيل قومون-27 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم عيدالاضحيٰ تي ڪشميري عوام کي پنهنجي حقِ خوداراديت لاءِ ڪيل جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالالضحيٰ جون مب??رڪون ڏنيون آهن. هن آمريڪا ۾ 28 جون تي عيدالضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل اصولن موجب انهن سمورن فردن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو وڃي جيڪي جنگ، وبا، استحصال ۽ غير ملڪي قبضي ۾ زندگي گذاري ره??ا آهن. هن چيو ته هيءَ عيد ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي ب??اد?? ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جيڪي پنهنجي آزادي ۽ حق خوداراديت لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي ره??ا آهن. هن چيو ته اچو اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بُک کي ختم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ عدم مساوات، ناانصافي ۽ اڻبرا??ري??َ واري سلوڪ کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مب??رڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهش جو به اظهار ڪيو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو ڪشميري عوام جي جدوجهد تي خراجِ تحسين پيش، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی