غزه ۾ فوجي ڪارروائيون نه روڪيون ويون ته حالتون ضابطي کان نڪري وينديون: ايران پاران اسرائيل ۽ آمريڪا کي تنبيهه


تهران -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير اسرائيل ۽ آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي، ته جيڪڏهن اسرائيل پنهنجي فوجي ڪارروائين کي فوري طور نه روڪيو ته وچ اوڀر جون حالتون ضابطي مان نڪري وينديون. برطانوي نشرياتي اداري مطابق هن تهران ۾ خطاب ڪندي چيو ته هو آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪري ٿو ته جيڪڏهن هنن فوري طور تي انسانيت خلاف ڏوهن ۽ غزه ۾ نسل ڪشي جو سلسلو بند نه ڪرايو ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن هنن پنهنجون جارحياڻيون ڪارروائيون نه روڪيون ته حالتون ضابطي مان نڪري وينديون.