اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪي?? ته چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو تازو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي پاڪستان ۾ انعقاد ک?? خوش آئنده قرار ڏيندي چي?? ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لا??ِ اعزاز جوڳي آهي، چين پاڪستان جو بااعتماد ۽ مخلص دوست آهي ۽ پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدابهار دوستي تي فخر آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪي?? ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس سان علائقائي تعاون کي فروغ ملندو ۽ علائقائي استحڪام کي سگهه ملندي. هن چي?? ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم کي وڏي اهميت ڏي ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان علائقائي ترقي جي لا??ِ ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ??نص??بن جو ذڪر ڪندي اسپيڪر چي?? ته سي پيڪ ??نص??بو ٻنهي ملڪن جي لا??ِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي ان ??نص??بي جي تڪميل سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لا??ِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چي?? ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، هن ٻنهي ملڪن ۾ تعليم ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل ??نص??بن جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ٽيڪنالاجي، ڊيجيٽل معيشت ۾ تعاون ۾ اضافي کي غور هيٺ آندو ويو. پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندي اسپيڪر پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ چين جي پيپلز ڪانگريس جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چين جي وزيراعظم لي چيانگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيني قيادت ۽ عوام سان خيرسگالي جي اظهار کي ساراهيو. هن چي?? ته پاڪستان چين سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ٻطرفي پارلياماني رابطن جي فروغ جي تجويز سان اتفاق ڪندي چي?? ته پارلياماني سطح جي رابطن جو فروغ ٻنهي دوست ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته چين پاڪستان سان اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي جاري رکندو. هن ان عزم جو اظهار ڪي?? ته سي پيڪ ??نص??بي جي تڪميل سان خطي ۾ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو ٿيندو. هن چي?? ته پاڪستان جو دورو ڪري دل?? خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان ۾ پاڪستاني عوام پاران بي پناهه خلوص ۽ محبت جي اظهار ۽ پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال تي حڪومت پاڪستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي پاڪستان ۾ انعقاد ۽ ڪاميابي جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو