نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، دنيا ۾ ڪيترا??ي ماڻهو مشڪلاتن ۾ ورتل آهن ۽ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو رستو هوندو آهي. گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنرل اسيمبلي کي هي منهنجو چوٿون ۽ آخري خطاب آهي. جو بائيڊن چيو ته روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته اسان خاموش رهي سگهياسين پئي پر ائين نه ڪيو، اسان روس جي خلاف اٿي بيٺاسين ۽ اڄ نيٽو اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته چين سان معاشي مقابلي ۾ ذميواري ج?? مظاهرو ڪرڻو پوندو. غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي ج?? بائيڊن چيو ته دنيا کي 7 آڪٽوبر جي تباهين کان پٺتي نه هٽڻ گهرجي، غزه ۾ شهري ۽ يرغمالي افسوسناڪ لمحن مان گذري رهيا آهن. آمريڪي صدر چيو ته غزه ۾ هزارين فلسطيني ۽ ٻار انتها??ي مشڪل حالتن ۾ آهن، وچ اوڀر ۾ جنگ جو ڦهلاءُ ڪنهن جي حق ۾ نه آهي، هر مسئلي ج?? سفارتي حل ممڪن هوندو آهي، فلسطين مسئلي ج?? حل ٻه رياستن جي قيام ۾ آهي. جو بائيڊن چيو ته غزه ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين کي گهر واپس آڻڻ جو معاهدو فائنل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سوڊان ۾ خوني گهرو ويڙهه جي ڪري 80 لک ماڻهو بک جو شڪار آهن، دنيا کي سوڊان ۾ جنگجوئن کي هٿيار ڏيڻ بند ڪرڻو پوندو. صدر جو بائيڊن چيو ته آمريڪا 2030ع تائين آلوده اخراج ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ج?? راهه تي گامزن آهي، صاف توانائي کان وٺي ٽيڪنالاجي ۾ جدت تي پوري دنيا جو حق آهي. آمريڪي صدر چيو ته گڏيل قومن کي دنيا ۾ ام?? قائم ڪرڻ جي پنهنجي بنيادي ڪم طرف واپس اچڻو پوندو. جو بائيڊن جو چوڻ هو ته مصنوعي ذهانت جو ذميواراڻو استعمال ٿيڻ گهرجي، مصنوعي ذهانت جي لاءِ عالمي قانون ٺاهڻ جي ضر??رت آهي.
دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو مشڪلاتن ۾ ورتل آهن ۽ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو رستو هوندو آهي: آمريڪي صدر جو بائيڊن
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن