اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا. اڄ جي ڏينهن اسان دنيا وچ ۾ ڳالهين ۽ افهام تفهيم کي هٿي وٺائڻ جي اهميت جو اعتراف ڪندي ان طرف ??ملي طور تي قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جي دنيا تڪرارن سبب ورهاڱي جو شڪار آهي، اسان کي سڄي دنيا وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ امن جي مقصدن لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ جو پختو يقين رکي ٿو. جڏهن ته اهو ??قصد حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻن تڪرارن کي حل ڪرڻ ضروري آهي، هن خطي ۾ ڄمون ڪشمير جو تڪرار هڪ پراڻو مسئلو آهي جنهن جي جٽادار حل جو بنياد غير جانبدار راءِ شماري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهر??ئن تي عمل ڪرڻ آهي. وز??را??ظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي فلسطينين جي حالت کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي رياستي جارحيت جو بهادري سان مقا??لو ڪري رهيا آهن. وچ اوڀر ۾ ديرپا امن لاءِ گڏيل قومن جي ٺهر??ئن ۽ فلسطينين جي خواهشن موجب تڪرار جو پرامن حل وقت جي اهم ضرورت آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ پرامن مستقبل تعمير ڪندي دنيا کي امن جو مرڪز بڻائي سگهون ٿا.
حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج