اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه يومِ دفاع ۽ شه??اء پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ جوش سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات بحريه جي مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائن س??ن ٿي. ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيد?? کي ايثال ثوا?? لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ جنگ جي شهيدن ۽ غازي?? کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن دشمن جي کلي جارحيت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. هي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي. هي يادگار ڏينهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي رشتي جي به علامت آهي. نيول چيف پنهنجي بحري محافظن جي نمايان ۽ لازوال قرباني?? کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. نيول چيف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحدن جي دفاع ۽ سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي وارثن س??ن ملاقات ڪئي. مختلف فيلڊ ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽرز ۾ به شهيدن جي يادگارن تي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. بحريه جي سمورن يونٽن ۽ ٺڪاڻن تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون ٿيون. ان موقعي تي پاڪ بحريه جا سمورا جهاز ۽ يونٽس بحريه جي روايتن موجب سينگاريا ويا هئا.
6 سيپٽمبر مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي: نيول چيف
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔