اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل جيمز اي??ڊ اسٽونز بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته جيمز اي??ڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، ان شعبي جي ري اسٽرڪچرنگ اهم معاملو آهي، جنهن جي ڏکيائين کي هنگامي بنياد?? تي حل ڪرڻو پوندو، جيمز اي??ڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نجي شعبي جي مشاورت سان قيمتي پٿرن سان لاڳاپيل مسئلن جي ترجيحي فهرست کي حتمي صورت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ جيمز اي??ڊ اسٽونز ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڀارت ۽ ٻين ملڪن جو تقابلي جائزو به ورتو ويو. وفاقي وزير چ??و ته جيمز اي??ڊ اسٽونز سان لاڳاپيل سمورن ادارن کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻو پوندو، قيمتي پٿرن لاءِ لاجسٽڪ، ڪوريئر سروسز ۽ پاڪستاني سفارتخانن جون مارڪيٽنگ تي به تجويزون غور هيٺ آهن. عبدالعليم خان چ??و ته اصل مقصد تي ڌيان ڏئي جيمز اي??ڊ اسٽونز مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻو پوندو. وزيراعظم ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ان شعبي ۾ عملي ۽ واضح اڳڀرائي چاهي ٿو. جيمز اي??ڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. هن چ??و ته ان شعبي جي بهتري لاءِ تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏئي پاليسيون جوڙڻيون آهن. جيمز اي??ڊ اسٽونز هڪ هنڌ هئڻ ۽ باقاعده اسٽرڪچر ٺاهڻ تمام ضروري آهي. پيٽروليم انڊ??ٽر?? ۽ ڪامرس جي وزارتن جي آفيسرن کي آن بورڊ ورتو ويندو. چيئرمين اسٽيئرنگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا آن بورڊ ٿي جيمز اي??ڊ اسٽونز لاءِ گڏيل پاليسي جوڙين. وفاقي وزر حڪومتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. عبدالعليم خان چ??و ته جيمز اي??ڊ اسٽونز سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين، نجي شعبو به ايندڙ ڏينهن ۾ سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي.
جيمز اينڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina