اسلام آ??اد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پاڪستان زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ??و پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته فوڊ سيڪيورٽي قومي سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چي?? ته جهڙي طرح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هن چي?? ته ملڪي ترقي لاءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ استحڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پاڪستان ??يٽ??ي پروگرام ۾ معجزو ڪري ڏيکاريو هو ته هاڻي معاشي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ??يٽ??ي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي استحڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي حاصل ٿي، هن وقت اسان جنهن هنڌ موجود آهيون اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوند?? ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چي?? ته اسان ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا شاندار پلان ٺاهي پر اهي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024ع جي پنج سالا ترقياتي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غلطي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چي?? ته اسان وٽ سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عمل ڪري علم ۽ عمل جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن اقبال چي?? ته هڪ هزار زرعي ما??رن کي وزيراعظم جي هدايت تي زراعت جي جديد طريقن ۾ عملي تربيت لاءِ چين موڪليو پيووڃي.
ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ