اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي قومي هيرو جيولين ٿرور گو??ڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ارشد نديم جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ارشد نديم کي ڀليڪار چيو ۽ ساڻس گلي مليو. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت ٻيا اڳواڻ به ان موقعي تي موجود هئا جن ارشد نديم کي ڀليڪار چيو. ارشد نديم جي فيملي ۽ سندس ڪوچ به گڏ آ??ن. اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ارشد نديم جي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري ا??لام آباد روانو ٿيو. ارشد نديم پيرس اولمپڪس ?? گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، ارشد نديم پاڪستان جو پهريون انفرادي ايٿيليٽ آهي جنهن گو??ڊ ميڊل کٽيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ا??شد نديم کي ا??ٽيٽ گيسٽ جو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. ارشد نديم آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي قومي هيرو جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena