اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ملڪي ترقي لا??ِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر آهي جڏهن ته مسئلن جي حل ۽ شفافيت لا??ِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. شفافيت بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشي ترقي لا??ِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي ??طاب دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي لا??ِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ۽ شفافيت لا??ِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، احسن اقبال چيو ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ لا??ِ پاڪستان کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي اپنائڻي پوندي. تع??يم?? ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي وٺائڻ لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري ادارن جي تحفظ لا??ِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ??ي مضبوط ڪري رهي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يق??ني بڻائڻ لا??ِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ لا??ِ حڪومت ۽ خانگي شعبي ??ي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس ايم ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي کي ??ديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ماهرن کي ??عوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.
ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جي حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات