اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ??يو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ ??ير??انوني ??ير??لڪين کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ملڪي قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ترجمان ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان جي جواب ۾ چيو ته اهو فيص??و پاڪستان جي خودمختيار ملڪي قانونن ۽ لاڳو عالمي قدرن ۽ اصولن موجب آهي. يو اين ايڇ سي آر پاڪستاني عملدارن کي اپيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدري جو فيصلو معطل ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته اس??ن گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي، ??ير??انوني ??ير??لڪين جي وطن واپسي جو منصوبو (آئي ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطعي نظر، پاڪستان ۾ ??ير??انوني طور تي رهندڙ سمورن ??ير??لڪين تي لاڳو ٿئي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا ??ير??لڪي شهري ان منصوبي جي دائري کان ٻاهر آهن. پاڪستان حڪومت انهن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي. هن چيو ته لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ۾ ملڪ جو گذريل 40 سالن جو رڪارڊ ان جو ثبوت آهي. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ترجيحي معاملن طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي عالمي حصيدارن س??ن گڏجي ڪم ڪندو رهندو.
پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني غيرملڪين کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ملڪي قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت